Tag Archives: 8-point constitutional Amendements

Should Sindhi intellectuals speak with PML-N?

PML N President Shahbaz Sharif, CM Punjab, had invited writers, journalists and intellectuals from Sindh to hold dialogue on issues.

One of the leading Sindhi writer and young intellectual Barrister Zamir Ghumro while thanking Mr. Sharif had declined to attend the meeting. Mr. Ghumro, a young lawyer, who resigned from his commissioned passed bureaucratic job to seek career in law, belongs to a working class family from Khairpur, now practicing and law and working in Karachi, had written an article in daily Kawish (Monday January 12, 2009) articulating reasons for not attending that meeting, he had outlined some conditions that he believes PML N needs to fulfill if it wants any meaningful dialogue with Sindhis.

Barrister Ghumro had also suggested 8-point Constitutional Amendments in order to make current federation as true representatives of four provinces. He is very assertive in his views, Could he be assertive presenting same suggestions to PPP led government also, who too complain of distorted and unfair federation, but have so far failed to take any initiative to address the question of provincial autonomy, NFC and Balochistan issues, lip service is available in plenty. Mr. barrister Ghumro had expressed distaste and rejected MPL N ‘conservative social agenda’ which seems to impose on Pakistan.

Here are some excerpts from his article, while the attached document is in Sindhi, his complete article, those of you who can read it. “Punjab has benefited from federation of Pakistan in last 60 years, today Punjab has over 80% representation in the federal government. It controls economy and natural resources of the country. Democratic governments in Pakistan do not survive in country because ‘the forces’ who dominate governance of the country do not want to give up their domination. Thus Punjab, before initiating dialogue with Sindh, needs to in account this and decide what it has to offer now the provinces, If PML N is ready for these changes, then it should implement such objectives via parliamentary legislation, this act will create trust among political forces in other provinces including Sindh. Sindh will be willing to share power with PML N on the basis of principles not merely power.”

“Present attempts of PML-N are seen as attempts to undermine ‘democrat mandate of Sindh and Sindhi people, Sindh wants its ‘Right to Self-Governance’ be respected, if any political force of Punjab, in collaboration with ‘Establishment’ conspire to deprive Sindh and subvert political process, Sindhi writers will not be part of these efforts.

At present Sindh has two critical questions: First, National Rights on basis of Justice, Secondly, Better governance in province. The first question is concerned with federal government while second is Sindh’s internal problem, where of course people are not happy with PPP led government in province, there are differences in province among Sindhis on this but it should not used as reason to dismiss current democratic dispensation, it amounts depriving Sindhis of their democratic mandate.

Punjab must understand that “Sindhis consider respect to their democratic mandate which is self-governance above and over everything else, whatever comes to them bypass this right is lollypop for them. Because there cannot be ‘National Rights’ without ‘Right to Self Governance”.

Before holding dialogue with Sindh, PML N must not forget historically where are we standing: (the struggle for independent homelands by) Muslim majority provinces in British India showed that they refused to live under Hindu-domination, that was fundamental reason of separation/partition, we understand Bengal went separate from Pakistan because Punjab refused to accept Bengal’s dominance, in this background, then is it essential for Sindh to accept Punjab’s majoritarian dominance. In order to accept this majoritarian rule there has to be constitution, democracy and national rights, guaranteed in the constitution. Strengthening such a constitution would make federation strong.

For making such a compatible constitution in new century, make following amendments in constitution, and for this before PML N brings in 17th amendment, it should bring provincial autonomy bill first, only then we would believe that “it (PML N) is not bringing Punjab’s majoritarian rule”, provincial autonomy bill will establish trust among that provinces that PML N believes in federation based on principles.

PML N needs to bring at least following 8 amendments in constitution; only then one can trust their intentions:

1. PML N should work with PPP to abolish ‘concurrent list from constitution

2. Regarding Fiscal matters, General Sales Tax (GST) should be handed over to provinces, NFC should base on multiple criterion (instead of sole population base)

3. PML N should do away 1991 Water Accord and should work out a new agreement on the basis of 1945 water agreement between Sindh and Punjab.

4. All federal appointments, Supreme Court Judges to ambassadors should be done with Senate approval so that Punjab’s majoritarian dominance remained checked.

5. Natural resources including gal and oil should be given back to provinces, ensuring such transfer amendments should be introduced in the constitution

6. A Superior Federal Commission needs to be established which guarantee equal representation and share in jobs to all provinces

7. In case martial law is imposed Provinces should have “Right to Self-Determination’, which is given to nations by UN charter also

8. In order to strengthen Senate of Pakistan, on lines of American Senate, Senate should be strengthened

Pakistan’s experience shows that there is in-sufficient legislation to thwart and stop military take-overs and imposition of martial, in this regard PPP and PML N need to work together, federation should be volunteer not forceful.

Till this happens, we believe PML-N attempt to do away 17th amendment is guided by power consideration, not democratic principles, they have always attempted to impose Punjab’s conservative social order as they did in the past in 1990-91 Nawaz League introduced Shariyat Act, Qisas and Diyat and during his last government, Mian Nawaz Sharif even tried tobecome Amirul Moomneen.

——

شهباز شريف جي دعوت ۽ پنجاب سان ڊائلاگ!
بئريسٽر ضمير گهمرو
تازو پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف سنڌ مان مون سميت ڪجهه دوستن کي لاهور اچڻ جي دعوت ڏني، پر نه ته ملاقات جي ايجنڊا ظاهر ڪئي وئي، نه وري ان جا سياسي مقصد واضح ڪيا ويا، بس لاهور جي شاهي فرمان تي سنڌ جي سياست ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هڪ اهم حلقي کي پنهنجو ڪرڻ لاءِ اهڙي ملاقات جو بندوبست ڪيو ويو آهي. سندس اهڙي ڪوٺ ڏيڻ تي ٿورائتا آهيون، پر سنڌ جو عوام پنجاب سان ڊائلاگ پ پ دشمني وارن اصولن تي نه، پر وفاقي اصولن تي ٻڌل ايجنڊا تي ڪرڻ کان نٿو ڪيٻائي. سنڌ جي سياسي ايجنڊا ايڏي ڏکي به ناهي، جيڪا پنجاب کي قابل قبول نه هجي، پر پنجاب هميشه وفاقي اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي سنڌ جي قومي حقن کي پوئتي ڌڪيو آهي، ان ڪري پهريون ته نواز ليگ کي سنڌ جي زندگي ۽ موت جي مسئلن تي واضح موقف اختيار ڪرڻو پوندو، سنڌ جي جمهوري مينڊيٽ کي تسليم ڪرڻو پوندو ۽ ان ئي بنياد تي وفاق کي انصاف جي اصولن تي هلائڻ لاءِ ڪا ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، نه ڪي پاور پاليٽڪس جي بنياد تي. اقتداري سياست بنيادي اصولن طئه ٿيڻ کانسواءِ ڇسي ۽ خالي آهي، ان جو طرف ۽ قبلو هجڻ گهرجي. ان لاءِ ضروري آهي ته نواز ليگ پهريون پنهنجو موقف واضح ڪري ته هوءَ سنڌ جي جمهوري مينڊيٽ جنهن سان ڀل اسان کي ۽ ٻين کي اختلاف هجن، پر ان بنيادي اصولن کان منهن نه ڦيريندي ته وفاق لاءِ جمهوري بنياد مرڪزي حقيقت رکي ٿو ۽ سرڪار کي تبديل ڪرڻ جو اختيار اسٽيبلشمينٽ وٽ نه پر عوام وٽ هجڻ گهرجي.
ان ۾ ڪو به شڪ نه آهي ته نواز ليگ سنڌ ۽ بلوچستان مان گذريل چونڊن ۾ پنهنجي تڏا ويڙهه ڏسندي اتي پير پائڻ گهري ٿي ۽ کين اهڙو حق به آهي ته هو ننڍن صوبن ۾ ساست ڪري. ان جو بنياد هو ان ڳالهه تي رکي ٿي ته جڏهن پنجاب مان پاڪستان پيپلز پارٽي کي ووٽ ملي سگهن ٿا ته پوءِ سنڌ مان نواز ليگ کي ڇو نه ملڻ گهرجن؟ ان جو بنيادي سبب پ پ پ پاران وفاق کي جمهوري بنيادن تي آئين ۽ قانون موجب هلائڻ ۽ صوبن ۾ عوام جي Self Government وارو حق ڀل محدود سطح تي ئي سهي، پر ان کي مڃڻ گهرجي. نواز ليگ کي نه وسارڻ گهرجي ته اها جڏهن به اقتدار ۾ آئي، ان نه رڳو ان جمهوري بنياد کي ڌڪ هڻڻ چاهيو، پر سنڌ تي راڻا مقبول ۽ عليم عادل جو اقتدار مڙهيو. صوبائي اسيمبلي ۽ سرڪار کي گهر ڀيڙو ڪيو. ڪالاباع ڊيم جا اعلان ڪيا، ڄام صادق جي دور ۾ 1991ع ۾ سنڌ جي پاڻي وارو ٺاهه مڙهي ان کان به ڦري وئي ۽ 1994ع ۾ پاڻي واري سرڪاري نوٽيفڪيشن تي پاڻي ڏيڻ لڳي، جنهن ڪري سنڌ ۾ نواز ليگ کي ڪڏهن به مڃتا نه ملي، ڇو ته ماضي ۾ نواز ليگ جنرل ضياءَ ۽ رنجيت سنگهه واري پاليسي تي ڪارآمد هئي. اها وفاق کي آئين ۽ 1940ع جي قرارداد جي بنياد تي نه پر پنجاب جي شائونسٽ سوشل ايجنڊا تي هلائڻ چاهي ٿي. نواز ليگ ۽ سنڌي عوام جي اعتماد واري کوٽ يا Trust Deficit وڌندو ويو. هاڻي نواز ليگ جڏهن سنڌي عوام ۾ پنهنجي ان اعتماد واري کوٽ کي بحال ڪرڻ جو سوچيو آهي، جيڪا اڪ مان ماکي لاهڻ آهي ته ان کي سنڌي عوام لاءِ دعوت نامن جا شاهي فرمان جاري نه ڪرڻا پوندا، پر شهباز شريف ۽ نواز شريف کي سنڌ اچي عوام سان ڳالهائڻو پوندو ۽ پوءِ جيڪو به طئي ٿئي ته ان لاءِ عملي قدم کڻڻا پوندا، نه ڪي اقتدار کان ٻاهر ويٺل رٺلن کي استعمال ڪري سنڌي عوام جي جمهوري مينڊيٽ کي تارپيڊو ڪرڻو پوندو، جنهن تي نه ته ڪو سمجهوتو ۽ نه ڪا ڳالهه ٻولهه ٿي سگهي ٿي.
گذريل سٺ سالن ۾ پاڪستان جي اقتدار ۽ معيشت مان گهڻو فائدو پنجاب کي پيو آهي، اڄ به وفاق ۾ سندس نمائندگي 80 سيڪڙو کان مٿي آهي، معيشت ۽ قدرتي وسيلن تي سندس ڪنٽرول آهي. موجوده جمهوري سرڪار کي اقتدار تي هڪ هٽي قائم ڪرڻ واريون قوتون ان ڪري ئي هلڻ نه ٿيون ڏين ۽ معيشت تي ڪنٽرول ڪري جمهوري سرڪار کي پهرين ڏينهن کان دل سان تسليم نه ڪيو ويو آهي، ان ڪري سنڌ سان ڊائلاگ ۾ پنجاب کي پنهنجي گذريل 60 سالا فائدن کي ڏسي هاڻي ننڍن صوبن لاءِ سوچڻو پوندو. ان لاءِ جيڪڏهن نواز ليگ تيار آهي ته پوءِ پارليامينٽ ذريعي اهڙن قدمن تي کيس عمل ڪرڻ گهرجي، جنهن سان سنڌ ۽ ٻين صوبن کي سندس قيادت تي ڀروسو پيدا ٿئي. سنڌ اقتدار جي ڪري نه، پر اصولن تي پنجاب سان ڀاڱي ڀائيوار ضرور ٿيڻ گهري ٿي. موجوده سنڌ جو جمهوري مينڊيٽ ان مقصد لاءِ ئي آهي، جڏهن به سنڌ جي جمهوري مينڊيٽ کي پٺي ڏني وئي آهي، ان جو نقصان وفاق کي ٿيو آهي، ان لاءِ ضروري آهي ته نه رڳو سنڌ جي جمهوري مينڊيٽ کي دل سان تسليم ڪيو وڃي، پر سياست جو بنياد سازش نه، پر جمهوري اصولن تي هجڻ گهرجي. سنڌ جا وفاق ۾ جمهوري اصول طئه ٿيڻ کانپوءِ ٻه وڏا اشوز آهن. (1) انصاف تي ٻڌل قومي حق، (2) سنڌ ۾ بهتر حڪمراني جو راڄ. قومي حق وفاقي سرڪار سان لاڳاپيل آهن، جڏهن ته سنڌ ۾ بهتر حڪمراني سنڌ جو اندروني مسئلو آهي، جنهن لاءِ اسين سنڌي ڀل ته پاڻ ۾ ڏند چڪ ڏيون، جهيڙا ڪريون، پر وري به اسان ۾ پاڻ ۾ گڏجي هلڻ ۽ جمهوري اصولن جي پاسداري ڪرڻ جي صلاحيت موجود آهي. ان کانسواءِ مٿين ٻن اشوز کان پهرين اوليت رکڻ وارو اشو وفاق ۽ صوبن ۾ جمهوري حق ۽ Self Governance واري حق جي مڃتا آهي، ان حق کي جيڪڏهن پنجاب ۽ ان سان سلهاڙيل اسٽيبلشمينٽ جون ڌريون نه ٿيون مڃين ته هو مٿين ٻن اشوز تي اسان سان ڪڏهن وفا نه ڪنديون، ڇو ته بدنيتي تي ٻڌل سياسي اتحاد ديرپا نه ٿيندو. ان لاءِ ضروري آهي ته نواز ليگ سهپ ۽ صبر جو دامن نه ڇڏي ۽ ملڪ ۾ جمهوري اصولن جي انحرافي نه ڪري باوجود ان جي ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ مري ڊڪليريشن تي عمل نه ٿيو هجي. ڇا چارٽر آف ڊيموڪريسي ۽ مري ڊڪليريشن تي بدعملي کي جمهوري مينڊيٽ کي ختم ڪرڻ جو جواز بڻائي سگهجي ٿو؟ اها ساڳي ڳالهه پي اين اي 1977ع ۾ ڪري ملڪ کي ڪاپاري ڌڪ هنيو هو، ان وقت جڏهن سموريون پارٽيون جمهوري حڪومت خلاف برسر پيڪار هيون. ان وقت کاٻي ڌر جي اڳواڻ ڪامريڊ ڄام ساقي سرڪاري عتاب ۾ هوندي به جمهوري سرڪار جي حمايت ڪئي هئي. هينئر به شين کي ان پسمنظر ۾ سمجهڻ جي ضرورت آهي، جڏهن سرڪار خلاف پروپيگنڊا ان مهم جو حصو آهي. سرڪار جي مخالفت ڪرڻ لاءِ ايوان آهن ته پوءِ ان مخالفت کي دشمنيءَ ۾ تبديل ڪرڻ ملڪ جي عوام جي مينڊيٽ جي توهين جي برابر آهي.
پنجاب کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته سنڌ جمهوريSelf Governance کانسواءِ قومي حقن توڙي بهتر حڪمراني کي پنجاب جو لالي پاپ سمجهي ٿي، ڇو ته قومي حقن جو تصور جمهوري Self Governance کانسواءِ بي معنيٰ رڳو ۽ ٺلهو نعرو آهي. پهريون قومي حق صوبن جي عوام جي وفاق ۽ صوبن ۾ جمهوري سرڪار قائم ڪرڻ آهي. ان قومي حق کي جيڪو ان قوم جي جمهوري راءِ يا سياسي طاقت Political will جو سرچشمو آهي، کي سياسي مصلحتن جي ور نٿو چاڙهي سگهجي. قومي حقن ۾ جمهور جي راءِ پهرين جاءِ والاري ٿي. قومي حقن ۽ جمهوري راءِ کي اولين حيثيت حاصل آهي ۽ بين الاقوامي طور تي گڏيل قومن پاران ڏنل حق خوداختياري ۾ اهو ئي جمهور جو حق ۽ راءِ ڪار فرما آهي. جڏهن نواز ليگ ان حق جي پاسداري نه ڪري رهي آهي ته پوءِ سنڌ سان ڪهڙي بنياد تي ڊائلاگ ڪندي؟ سنڌ ڪڏهن به سازش ۽ لالي پاپ جي بنياد تي ڊائلاگ تي ڀروسو نٿي رکي.
پ پ سرڪار سان کوڙ سارن اشوز تي سنڌ جون پارٽيون، گروپ، دانشور ۽ اديب سخت ناراض آهن، سندن طرزِ حڪمراني ۽ قومي حقن تي موقف تي اهي سڀ ماڻهو ناراض آهن، پر پ پ سرڪار سنڌ جي جنهن قومي حق جي ترجماني ڪري ٿي، اهو آهي سنڌي عوام جو اجگر قومي جمهوري حق، جيڪا سنڌي عوام جي جمهوري راءِ آهي. سرڪار جي نااهل هجڻ جو عذر ڄاڻائي ان حق تان سنڌي عوام دستبردار ٿيڻ لاءِ تيار نه آهي، اها ڪا پ پ سرڪار جي حمايت نه، پر سنڌي عوام جي پنهنجي قومي جمهوري حق جو احترام ڪرڻ آهي. ان جمهوري حق کي نه مڃڻ ۽ ناراضگي ۽ مخالفت جي بنياد تي سنڌي پارٽين ۽ دانشورن کي پنهنجي اڻ چٽي ايجنڊا ۽ موقف تي هلائڻ آپشاهي جو بدترين مثال آهي، ان ڪري ئي شهباز شريف سان ڊائلاگ سنڌ جي قومي مفادن ۾ نه آهي، ڇو ته هن کي پهريان صوبن ۽ وفاق جو جمهوري قومي حق مڃڻ لاءِ تيار ٿيڻ گهرجي ۽ ان کي تارپيڊو ڪرڻ لاءِ اسٽيبلشمينٽ ۽ بنياد پرست سياسي پارٽين جهڙوڪ تحريڪِ انصاف ۽ جماعتِ اسلامي سان گڏ نه هلڻ گهرجي. پنهنجي جمهوري حقن خلاف اهڙي سازش کي سنڌ جو عوام رد ڪري ڇڏيندو.
نواز ليگ کي سنڌ سان ڊائلاگ ڪرڻ وقت ان ڳالهه کي نه وسارڻ گهرجي ته تاريخي طور اسين ڪٿي بيٺا آهيون. هندستان جي مسلمان صوبن هندو اڪثريتي اقتدار جي خوف کان هندستان کان عليحدگي اختيار ڪئي. گڏيل پاڪستان ۾ پنجاب بنگال جي اڪثريتي حڪمراني کي قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو ته ڇا هاڻي سنڌ تي واجب آهي ته هو پنجاب جي اڪثريتي اقتدار کي قبول ڪري؟ ان اڪثريتي اقتدار کي قبول ڪرڻ لاءِ آئين هجي ٿو، جمهوريت هجي ٿي، قومن جا حق هجن ٿا، جنهن کي آئين ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي. ان آئين کي مضبوط ڪرڻ سان ئي وفاق مضبوط ٿيندو. اچو ته ان کي 21 صدين جي گهرجن سان ٺهڪندڙ بڻائڻ تي ان ۾ ترميمون تجويز ڪريون. ان لاءِ نواز ليگ پاران صرف 17 هين ترميم ئي نه، پر پهريون صوبائي خودمختياري جو بل آڻڻ گهرجي، جنهن کانپوءِ ئي سمجهبو ته نواز ليگ پنجاب جو اڪثريتي راڄ نه، پر وفاقي اصولن تي ٻڌل قومن جا حق مڃڻ چاهي ٿي. ان لاءِ نواز ليگ کي آئين ۾ 8 (اٺ) بنيادي ترميمون تجويز ڪرڻ گهرجن، جنهن کانپوءِ ئي سندس ارادن جو پتو پئجي سگهي ٿو.
.نواز ليگ پيپلزپارٽي سان گڏجي آئين مان ڪنڪرنٽ لسٽ ختم ڪري.
.ناڻي جي معاملي تي سيلز ٽيڪس صوبن حوالي ڪرڻ ۽ باقي ٽيڪسز تي ٻڌل پول مان رقم گهڻ رخي فارمولا هيٺ ورهائڻ جو اعلان ڪري آئين ۾ اهڙي ترميم آڻي.
.پاڻي جي مسئلي تي نواز ليگ 1991ع واري غير جمهوري پاڻي ٺاهه کي هڪ پاسي رکي انصاف ۽ قانون تي ٻڌل سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ 1945ع جي پاڻي ٺاهه جي بنياد تي ٺاهه ڪرڻ جو اعلان ڪري.
.پنجاب جي اڪثريتي راڄ کان گارنٽي ڏيڻ لاءِ سڀ آئيني مقرريون توڙي وفاقي ادارن جي سربراهن، هاءِ ڪورٽ ۽ سپريم ڪورٽ جي ججن ۽ سفيرن جون مقرريون سينيٽ جي منظوري سان مشروط ڪيون وڃن. بنيادي قانونسازي پڻ سينيٽ جي اڪثريت سان منظور ڪئي وڃي.
.گئس ۽ تيل جو ڪنٽرول، جيڪو آئين ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل وٽ آهي، ان جي مسلسل خلاف ورزي ڪري اهو ڪنٽرول صوبن حوالي ڪيو وڃي. آئين ۾ اهڙي ترميم آندي وڃي.
.صوبن ۾ ڌاري آبادي کي روڪڻ ۽ پنهنجي ملازمتن ۾ ٻين صوبن کي ڀاڱي ڀائيوار نه ڪرڻ جو اختيار آئين ۾ ترميم ڪري صوبن حوالي ڪيو وڃي.
.وفاق ۾ هڪ اعليٰ قانوني ڪميشن قائم ڪئي وڃي، جنهن ۾ هر صوبي کي هڪجهڙي نمائندگي هجي، جيڪا مختلف کاتن ۾ صوبن جي نمائندگي کي يقيني بڻائي. ان کي آئين ۾ تحفظ ڏنو وڃي.
.مارشل لا لڳڻ جي صورت ۾ صوبن کي حقِ خود اختياري جو اختيار ڏنو وڃي، جيڪو حق اقوام متحده جي چارٽر جي عين موجب آهي ۽ وفاق ان تي صحيح ڪري چڪو آهي.
.مٿيان اٺ اصول انصاف ۽ قانون تي ٻڌل آهن، ان سان نه رڳو مختلف صوبن جي ماڻهن ۾ فرق ۽ ويڇا ختم ٿيندا، پر وفاق کي هميشه لاءِ مضبوط جمهوري بنيادن تي هلائي سگهجي ٿو. آمريڪا ۾ اڪثريتي راڄ کي ختم ڪرڻ لاءِ سينيٽ بااختيار ۽ جمهوريت کي پهرين اوليت حاصل آهي. تجربي سيکاريو آهي ته جمهوريت خلاف آئين ۾ ڏنل Guarantees پائيدار ثابت نه ٿيون آهن. آئين جي آرٽيڪل 6 تي نه ته نواز ليگ ۽ نه ئي پ پ عمل ڪرائي سگهي آهي، ان ڪري وفاق کي رضاڪارانه بڻائڻ لاءِ ان کي ٺوس بنيادن تي استوار ڪرڻو پوندو.
نواز ليگ پاران سترهين ترميم آڻڻ اقتدار جي خواهش تي ٻڌل آهي، نه ڪي وفاقي ۽ جمهوري اصولن تي. هنن سدائين ڪوشش ڪئي آهي ته پنجاب جي سوشل ڪنزرويٽو ايجنڊا ٻين صوبن تي مڙهي وڃي، جيئن هنن پنهنجي دور ۾ قصاص ۽ ديت آرڊيننس 1990ع ۽ شريعت ايڪٽ 1991ع ۾ رائج ڪيو، يا وري امير المومنين ٿيڻ چاهيو. وفاقي نظام ۾ هڪ صوبو پنهنجي ايجنڊا مذهب جي نالي تي ٻئي تي مڙهي نٿو سگهي. ان لاءِ جنرل ضياءَ پاران آئين ۾ آندل ترميمن کي به ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي، باقي اسٽيبلشمينٽ سان ٻٽ ٿيڻ ذريعي نواز ليگ کي اقتدار ته ملي سگهي ٿو، پر ان سان وفاق کي شديد خطرو لاحق آهي، ان ڪري اهڙي هلت کان پاسو ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.
پيپلز پارٽي، قومي حق ۽ بهتر حڪمراني:
پيپلز پارٽي وٽ سنڌ جي قومي جمهوري حق يعني Self Governance وارو ڪارڊ آهي، جنهن کي استعمال ڪيو پيو وڃي. پيپلزپارٽي جيستائين ان حق کي بهتر حڪمراني ۽ قومي حق حاصل ڪرڻ لاءِ استعمال نه ڪندي، تيستائين سنڌ مان به کين Challenge ملڻ جو خطرو آهي. بهتر حڪمراني ۽ قومي حقن جي ايجنڊا تي سنڌ ۾ نئين قيادت اڀرڻ شروع ٿيندي ۽ جيڪڏهن جمهوري طريقي سان اها پيپلزپارٽي سان چٽا ڀيٽي ڪري به ٿي ته ان ۾ ڪو حرج نه آهي. آئين ۽ قانون جي دائري ۾ پ پ سان چٽا ڀيٽي ڪرڻ ۾ ڪو حرج نه آهي، پر پ پ سرڪار جي جمهوري حق ۽ حقِ حڪمراني کي نه مڃڻ بدنيتي آهي. بدنيتي تي سياست ڪجهه وقت ته هلي سگهي ٿي، پر گهڻي عرصي لاءِ نه، بهتر حڪمراني ۽ قومي حقن تي ٻڌل سنڌ ۾ جيڪڏهن پيپلز پارٽي کي ڪا به مزاحمت ملي ٿي ته ان کي هروڀرو پ پ به برو نه سمجهندي، ڇو ته سياست ڪرڻ هر پارٽي ۽ ماڻهو جو حق آهي. پر ان چٽي ايجنڊا جي بنياد تي صوبن تي پنجاب جو اڪثريتي راڄ مڙهڻ لاءِ گڏجاڻين ۽ ملاقاتن ۾ وڃڻ جو جمهوري حق محفوظ رکجي ٿو. هينئر سنڌ کي وڏيرن ۽ اسٽيبلشمينٽ ٻنهي جي مخالفت ۾ سنڌ ايجنڊا تشڪيل ڏئي پنهنجي مڊل ۽ ووڪل ڪلاس تي مشتمل قيادت کي اڳتي آڻڻو پوندو،
اي نه مارن ريت، جو سيڻ مٽائين سون تي!
barrister-zamir@hotmail.com

Courtesy: Sindhi Daily Kawish.