Musadiq Sanwal passes away

SINDH – KARACHI: Musadiq Sanwal, the editor of Dawn.com, passed away on Friday after battling with lung cancer for more than a year.

Born in 1962, Sanwal will be remembered for his dedication to journalism, his closeness to his colleagues and love for the arts, most importantly music which he learnt in his younger years and performed regularly.

Read more » DAWN
http://www.dawn.com/news/1080909/editor-dawncom-musadiq-sanwal-passes-away

–  – – – – – –

Read more details in Sindhi language

مصدق مري نه ٿو سگهي؟

جامي چانڊيو

هن ملڪ ۾ هاڻي سُٺي ۽ اُتساهيندڙ خبر ڪا ورلي ملي ٿي، هر ڏينهن پاڻ سان اَڀاڳ جا نوان سامان ۽ سَنيها کنيو اچي. ڪالهوڪو سِجُ اُڀرڻ شرط اِها اَڀاڳي خبر کڻي آيو ته مصدق سانول هميشه لاءِ موڪلائي ويو. خبر ٻُڌڻ شرط هنياءُ ۽ رُوحَ ۾ چَڪُ لڳي ويو، ڪيئن قبول ڪجي ته اهڙي خبر ڪا سچ پچ حقيقت به ٿي سگهي ٿي. مصدق ڪو رڳو هڪ ماڻهو ته نه هو، هڪ تخليقي ۽ صوفياڻو مزاج هو، هڪ آواز هو، هڪ آلاپ ۽ مسافر هو ۽ هڪ بيحد اُونهو ۽ نِبار ماڻهو، اُهو ڀلا ڪيئن ٿو مري سگهي! هَڏُ چَمُ ته مري سگهي ٿو، خاموش ٿي سگهي ٿو، سڪوت ۾ اچي سگهي ٿو پر مصدق ڪيئن ٿو خاموش ٿي سگهي، هو ڪيئن ٿو مري سگهي! هن بابت فيصلو ڪرڻ ڏکيو آهي ته هو اصل ۾ ڇا هو؟ هن کي آرٽسٽ ۽ مصور چئجي، راڳي ۽ موسيقيءَ جو ڄاڻو چئجي، هن کي سُريلو آواز ۽ درديلو آلاپ چئجي، ٿيئٽر آرٽسٽ، شاعر ۽ ليکڪ چئجي، صحافي ۽ تخليقي فلمساز ۽ فوٽوگرافر چئجي- شايد انهن سڀني سڃاڻپن مان ”يا“ ڪڍي ڇڏجي ته به ڳوٽَ نه ڀڄندي، ڇاڪاڻ ته اها خبر زماني کي ته ڇا، ڪڏهن هن کي پاڻ کي به نه پئجي سگهي ته اصل ۾ هو ڇا هو؟ تڏهن ته هو بلهي شاهه جي لفظن ۾ پنهنجي لاءِ چوندو هو، ”بليا ڪي جاڻا، مين ڪون!“ مصدق اسان جي نسل جي انهن آرٽسٽن، ليکڪن ۽ آدرشين مان هو، جيڪي ضياءُ الحق جي دور ۾ وهيءَ چڙهيا ۽ جن جي سُتيءَ ۾ ئي انقلابيت، جماليات، تخليقيت ۽ مقصديت پيل هئي ۽ جن کي ان تخليقي ۽ تنقيدي شعور جي ”چُڪيءَ“ چريو ڪيو هو، جيڪا انسان کي ڪڏهن سُک سان ويهڻ نه ڏيندي آهي. ملتان سان تعلق رکندڙ ۽ سرائيڪي ڳالهائيندڙ مصدق سانول لاهور جي جڳ مشهور آرٽس ڪاليج اين سي اي مان پڙهيو ۽ پوءِ ڪراچيءَ کي ئي پنهنجو مسڪن بڻائي ڇڏيائين. اَسيءَ جي ڏهاڪي جي پڇاڙڪن ڏينهن ۾ جڏهن حسن مجتبيٰ انگريزي صحافت ۾ پير پاتو ته مصدق هن جو دوست بڻيو ۽ پوءِ حسن مجتبيٰ معرفت هو حسن درس ۽ اسان سميت گهڻن جو دوست بڻيو. هن جو ڪراچيءَ وارو گهر سنگت جو ”آستانو“ هوندو هو، جيڪو آخر تائين جيئن جو تيئن قائم رهيو، رڳو ان جو دامن وسيع ٿيندو ويو ۽ نوان نوان دوست ان ۾ شامل ٿيندا ويا. محمد حنيف، اويس توحيد، خالد احمد، شرجيل بلوچ (چانڊيو)، وسعت الله خان، اُهي سمورا دوست ان ئي لڏي جا هئا ۽ آهن. انهن مان سواءِ خالد احمد جي ڪراچي ڪنهن جو به شهر نه هو، محمد حنيف اوڪاڙي جو، مصدق ملتان جو، اويس لاڙڪاڻي جو، وسعت رحيم يار خان جو، حسن مجتبيٰ حيدرآباد جو ۽ پوءِ هي دوست ڪراچيءَ جي تخليقي ۽ صحافتي دنيا جا ڄڻ ته ڌڻي ٿي ويا، هر هڪ پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ باڪمال. ۽ منفرد ڏانوَ، شعبي ۽ مزاج وارو. مصدق ان سڄي سنگت جو محور ۽ مرڪز هو، شايد پنهنجي نهٺي مزاج ۽ ٻهڳڻي شخصيت جي ڪري رڳو ماڻهو ته نه هو ڄڻ هڪ گهڻن شعبن جي پوري اڪيڊمي هو. انهيءَ ڪري اويس توحيد هن کي هميشه ”گُرُو“ سڏيندو هو. هونئن ته گهڻيون ئي محفلون ياد اٿم پر هڪ ڀيري شيما ڪرماڻيءَ جي گهر مصدق جي ڳائڻ ۽ ان تي شيما ڪرماڻيءَ ۽ ناهيد صديقيءَ جي وجداني رقص کي ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي. سبطِ حسن جو ننڍو ڀاءُ ۽ اسان جو جهونو يار رضا حسن (اردوءَ جو ڀلوڙ شاعر ۽ سعديه دهلويءَ جو مڙس) به ان محفل ۾ هو.

مصدق طبيعت جو بنهه سادو ۽ فقير منش، سوچ ۾ بيحد تخليقي ۽ گهرو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته اندر ۾ هڪ بيحد پُرسڪون ماڻهو هو. هن جي چهري جي ڳنڀيرتا ڏسي لڳندو هو ڄڻ ڪائنات جا سڀ راز معلوم اٿس ۽ غالب وانگر اها چِنتا هئس ته جڏهن ”دشتِ امڪان“ سندس پهرين قدم جي نشان هيٺان آهي ته هاڻي ٻيو ڀلا ڇا ڪجي! اِها اُها ئي پُرسڪون سرمست ڪيفيت آهي، جيڪا اندر جي وڏن ماڻهن کي نصيب ٿيندي آهي، اِها ڪيف جي اُها ”بادشاهي“ ڪيفيت آهي، جيڪا رڳو ”فقيرن“ کي پلئه پوندي آهي. مصدق سچي پچي معنيٰ ۾ هڪ اندر جو آزاد انسان هو، هر قسم جي تنگ نظري، تعصب، مفاد پرستي ۽ سطحي پڻي کان آجو، سڄي جڳ سان پيار ڪندڙ. هن کي غالب، فيض، پبلو نرودا ۽ لطيف يا اياز به ايترا ئي پيارا هئا، جيترو کيس پنهنجي ٻوليءَ جي سدا حيات شاعر خواجه غلام فريد سان پيار هو ۽ هو انهن سڀني کي ڳائيندو ۽ روح سان ڳائيندو هو. سنڌ کيس بيحد وڻندي هئي ۽ جڏهن موهن ڀڳت جيئرو هو ته هن کي ٻُڌڻ مِٺي ايندو هو. وسعت الله ۽ شرجيل وانگر سنڌ ڏاڍي گهميو. ٿر سميت سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ کي پنهنجي روح سان پيار ڪندو هو. مصدق هونئن ته هڪ معصوم طبع ۽ سٻاجهو انسان هو، پر هن کي نفرت به بي پناهه  هئي، سڄي جهان جي ڪوڙ، ڏاڍَ ۽ ٺڳيءَ سان. جيتوڻيڪ هو بي بي سيءَ کان وٺي انيڪ ادارن سان وابسته رهيو پر هن کي جڏهن ڪجهه سال اڳ وڏي اشاعت واري هڪ انگريزي اخبار جي سائبر ايڊيشن جو ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو ته ڪيترن ماڻهن اهو چئي اعتراض ڪيو هو ته هن کي اخباري صحافت جو ايترو تجربو ناهي، ان تي ان اخبار جي اڳوڻي ايڊيٽر ۽ مصدق جي دوست عباس ناصر اهو چئي ماڻهن جا وات بند ڪري ڇڏيا هئا ته مصدق هميشه سُرن، آلاپن، رنگن، تصويرن ۽ لفظن سان صحافت ڪئي آهي، ان ڪري هن جي پيشيورانه مهارت تي ڪوبه رسمي معيار لاڳو نه ٿو ڪري سگهجي. هو ”ڄمندي ڄام“ هو. يارن جو يار مصدق جڏهن انگريزي اخبار جي سائبر ايڊيشن ۾ ايڊيٽر ٿيو ته هن ان اخبار جي هفتيوار ميگزين ۾ سڄي ملڪ جي آدرشي ماڻهن جا تفصيلي پروفائيل شايع ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪيو ۽ منهنجي پروفائيل لاءِ هن ميگزين جي انچارج مونيزه انعام کي چيو ۽ پوءِ مونيزه جي ليکڪ پُٽَ سرمد اهو پروفائيل لکيو، جيڪو ان اخبار جي اڌ صفحي تي شايع ٿيو. ٽي مهينا اڳ مون کي منهنجي پياري دوست اويس توحيد ٻُڌايو ته مصدق کي جگر جو ڪينسر ٿي پيو آهي ۽ تون هن کي حيدرآباد گهراءِ. هميشه جيان پُرسڪون مصدق چيو ته يار! اويس هرو ڀرو ٿو ڊڄي، ڪجهه ڪونهي، سڀ ٺيڪ آهي ۽ مان جنوريءَ ۾ حيدرآباد اويس ۽ محمد حنيف سان گڏ ايندس ۽ باهه جي مَچَ تي ڪچهري ۽ راڳ جي محفل ڪبي. يارن جا وفادار يار مصدق! هي ڇا ڪيئي! معنيٰ تون هاڻي حيدرآباد ڪڏهن به نه ايندين ۽ واقعي جڏهن اندر يا ٻاهر مَچُ ٻرندو ته تنهنجو اوسيئڙو هميشه رهندو! توکي خاموشي ڏاڍي وڻندي هئي ۽ لڳي ٿو هن ڀيري تو ڊگهي خاموشي اختيار ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ ظاهر آهي ته خاموشي ڪنهن کي ٻُڌائي ته اختيار نه ڪبي آهي، اها ته هڪ ڪيفيت آهي، جيڪا بس اوچتو طاري ٿي ويندي آهي. پر حسن درس وانگر تون ويو ئي ڪٿي آهين، جو نه ورندين! تون هر ساز ۾ هوندين، هر سُريلي آلاپ ۾ هوندين، هر تخيلاتي تصور ۾ هوندين ۽ يارن جي هر محفل ۾ هوندين! تنهنجي ڪُمهلي وڇوڙي کي دل ڪڏهن به نه مڃيندي ۽ هميشه اهو ئي چوندي ”مصدق مري نه ٿو سگهي!“

Courtesy: Sindhi daily Kawish, 18 January, 2014

– – – – – –

To read more about Musadiq Sanwal in Sindhi language » CLICK HERE
http://sindhexpress.com.pk/epaper/PoPupwindow.aspx?newsID=130117301&Issue=NP_HYD&Date=20140218 

Advertisements

By using this service you agree not to post material that is obscene, harassing, defamatory, or otherwise objectionable. Although IAOJ does not monitor comments posted to this site (and has no obligation to), it reserves the right to delete, edit, or move any material that it deems to be in violation of this rule.

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out / Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out / Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out / Change )

Google+ photo

You are commenting using your Google+ account. Log Out / Change )

Connecting to %s