Majid Bhurgri a Hero of Sindh and Sindhi computing

An Exceptional Achievement

by: Ahmed Makhdoom, London

In modern day Sindh, I cannot think of any achievement by any individual in any field of human endeavour, than this remarkable feat, a brilliant accomplishment of this worthy son of Sindh,  Abdul Majid Bhurgri. Sindh will always be indebted to this man of Sindhi computing, who had put the Sindhi language in the forefront in the list of languages in the sub-continent. A Sindhi Computer Operating System of our very own – excellent and exceptional revolution for Sindhi language. This is a service towards motherland, Sindh – extraordinaire! Thank you,  Abdul Majid Bhurgri, we greet you! Long Live Sindh and the world!

June 6, 2010

5 thoughts on “Majid Bhurgri a Hero of Sindh and Sindhi computing”

  1. سنڌي زبان کي سائبر ٻولي بڻائڻ واري عظيم انسان
    عبدالماجد ڀرگڙي سان حال احوال
    آصف رضا موريو
    عبدالماجد ڀرڳڙيءَ 8 فيبروري 1948ع ڌاري شهدادڪوٽ ضلعي جي ڳوٺ غلام نبي ڀرڳڙي ۾ جيون ورتو. پاڻ سي ايس ايس جو امتحان پاس ڪري انڪم ٽيڪس کاتي ۾ آفيسر مقرر ٿيو. سندس مسلسل جدوجهد سبب سنڌي ٻوليءَ ڪمپيوٽنگ جي دنيا ۾ شامل ٿي سگهي جنهن ڪري اڄ سنڌي ٻوليءَ کي سموري دنيا ۾ سڃاتو وڃي ٿو. سندس سافٽ ويئر جو نالو“ايم بي سنڌي MB Sindhi” (ماجد ڀرڳڙيءَ جو تيار ٿيل سنڌي سافٽ ويئر) يا ڪمپيوٽر آپريٽنگ سسٽم (Computer Operating System) سڏجي ٿو. عبدالماجد ڀرڳڙيءَ جي اِنهيءَ پروقار ۽ عظيم ڪارنامي جي ڪري سنڌي قوم هميشه سندس زيرِبَارِ رهندي، جنهن سنڌي ٻوليءَ کي دنيا جي گولي تي اڳرو ۽ نشابر بڻايو.
    سوال. توهان کي سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر جي زبان ٺاهڻ جو خيال ڪيئن آيو؟
    جواب. اصل ڳالهه اها آهي ته نوڪري جي پگهار مان پورت نه هئڻ سبب ڪنهن ڪاروبار ڪرڻ جو خيال آيو. منهنجي هڪ دوست ڊيسڪ ٽاپ پبلشنگ جي ڪاروبار ۾ پارٽنرشپ جو خيال ڏيکاريو جيڪو لاهور ۾ ميڪنٽاش ڪمپيوٽر جو ڪم ڪندو هيو ته بسم الله ڪيم. ان وقت اڄ جيان ڪمپيوٽر دوڪانن تي دستياب ڪونه هوندا هيا پر ٻاهرين ملڪن کان هتان جي ڊيلرن ذريعي آرڊر تي گهرايا ويند هيا. ان سلسلي ۾ هڪ ڏينهن ڪنهن دوست جي بهادر آباد ۾ ڪمپيوٽر آفيس گهمڻ ويم. ان مون کي ٻڌايو ته اردو ڪمپوزنگ ڪيئن ڪئي ويندي آهي. ان دور ۾ اردو نسق ۾ لکي ويندي هئي جڏهن ته اخبارون نستعليق ۾ لکيون وينديون هيون سي به وڏي ڪمپيوٽر تي پرسنل ڪمپيوٽر تي نه. ان ڏينهن مون کي خيال آيوته اردو جيان ڇونه سنڌي ٻولي کي به ڪمپيوٽر تي آڻجي. ان لاءِ دوست کان پڇيو “ڇا توهان ان سسٽم ۾ سنڌي زبان تيار ڪري ڏئي سگهو ٿا”. هن پهريون ته هائوڪار ڪئي پر ڪجهه ڏينهن کان پوءِ معذرت ڪندي چيائين “سنڌي ٻولي جا ٻاونجاهه لفظ ڪمپيوٽر تي آڻڻ اسان جي وس جي ڳالهه ڪونهي”. مان تيسيتائين انهن کان معلوم ڪري چڪو هيم ته “اهي عربي ۽ فارسي جي ڪنهن سافٽ ويئر کي موڊي فاءِ ڪري اردو ۾ استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائن ٿا، ان لاءِ گهربل سامان ۽ سافٽ ويئر وٺي سنڌي جي حساب سان ان کي حل ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪيم”.
    سوال. ڇا توهان کي ڪمپيوٽر متعلق پهريون تيڪنيڪي تجربو هيو؟
    جواب. تجربو ته ڪونه هيوپر ٻاهرئين ملڪ ۾ ايم بي اي پڙهڻ سبب ڪمپيوٽر سان ڪافي ڄاڻڪاري هئي پر جنهن ميڪنٽاش ڪمپيوٽر تي اهو ڪم ٿئي پيو اهو ڪڏهن استعمال ڪونه ڪيو هيو. ان لاءِ پهريون ان کي سمجهي پوءِ ڪم جي حوالي سان ان ۾ سافٽ ويئر کي موڊي فاءِ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري ان مسئلي جو بنيادي حل تلاش ڪري ورتو. اها سال 1987ع جي ڳالهه آهي ۽ ان ڪم ۾ مون کي هڪ مهينو لڳي ويو هيو. جنهن ڏينهن مان پهريون ڀيرو سنڌي ۾ پورو پيج لکي پرنٽ ڪيوهيو اهو مون لاءِ عيد جو ڏينهن هيو. ان کان پوءِ هر نئين ڏينهن سان ان ڪم جي سلسلي ۾ بهتري ايندي وئي.
    سوال. توهان پنهنجي سسٽم کي ادارن کي ڏيڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي؟
    جواب. پهريون هلالِ پاڪستان ۾ متعارف ڪرايو ان دور ۾ انعام شيخ هڪ ڪالم ڪک پن جي عنوان سان لکندو هيو جنهن مون کي سندس ڪالم لکي ءِ پرنٽ به ڪري ڏنو هيوجيڪو ان اخبار ۾ ڇپيو پڻ. عبرت وارن سان به رابطو ڪيو ڪجهه ٻيا ادارا به پر لائق موٽ ڪٿان به ڪونه ملي هئي.
    سوال. توهان هلالِ پاڪستان وارن کي مضمون ڇو سيٽ ڪري ڏنو سسٽم ڇونه ڏنو؟
    جواب. سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي بڻائئئڻ جي سلسلي ۾ اهو منهنجو شروعاتي حل يا ڪامياب قدم هيو. يا چئجي ته ڪنهن سسٽم جي پهرين ڪامياب شڪل ۽ ڪوشش هئي پر ان کي ڪنهن اداري ۾ استعمال ڪرڻ ۾ اڃان به ڪجهه مشڪلاتون درپيش هيون. مثال طور ان دور ۾ هڪ پيج لکڻ ۾ ڏهه پندرهن منٽ لڳندا هيا پر مون کي منهنجي سسٽم ۾ لکڻ دوران هڪ ڪلاڪ لڳي ويو هيو ان لاءِ کيس اڃان به ماڊي فاءِ ڪرڻ جي ضرورت هئي.
    سوال. ان سلسلي ۾ توهان ڪهڙي پيش رفت ڪئي؟
    جواب جڏهن مان امريڪا ويم ته اتي به پنهنجي سسٽم کي بهتر بڻائڻ جو ڪوششون جاري رکيون. آخرڪار مارچ 1988ع جي شروعات ۾ اهو حل ڪڍڻ ۾ ڪامياب ٿيم ته “ڪيئن سنڌي زبان ۾ ڪي ورڊ پروسيسنگ، ٽائپ سيٽنگ يا اخبارن جو ڪم ٿي سگهي ٿو”. اهو حل هيو به سولو هيو، جيئن عربي ۽ فارسي جي ڪجهه اکرن جهڙوڪ، ج، خ ۽ چ جي جاءِ تي سنڌي جا لفظ استعمال ڪيا وڃن. يا جيئن سنڌي جي اکرن ڇ ۽ چ وغيره جي خاندان واري اکرن جا ٽبڪا الڳ الڳ ڪري انهن کي ي سان ملائي لفظ جوڙياس وڃن. اهڙي طرح مون ٻاونجاهه اکرن کي آهستي آهستي پنهنجي سسٽم جو حصو بڻايو ۽ اهڙي طرح ڪمپيوٽر ۾ عربي ۽ فارسي ٻولي متعلق موجود ڪيپيسٽي کي استعمال ڪري سنڌي زبان لکڻ ۾ مدد ورتي هئي.
    سوال ان دور ۾ ته سنڌي ٽائپ رائيٽر ايجاد ٿي منظر عام تي اچي چڪو هيو ڇا توهان ان جي ڪيز مان به مدد ورتي؟
    جواب. مون ڪونه ورتي ۽ اها ان لاءِ جو ٽائيپ رائيٽر ۾ ڪمپيوٽر جي نسبت محدوديت هئڻ سان گڏ ان ۾ لفظن جون رڳو ٻه صورتون هونديون هيون. ٻيو ته اسان جي لغت ۾ اکر به تمام گهڻا هيا. سنڌي ٽائيپ رائيٽربه ايجاد ڪونه ٿيو هيو ۽ جيڪو اسان وٽ رائئج هوندو هيو ان کي ڪنهن دوست پنهنجي عقل آهر ماڊي فاءِ ڪيو هوندو.
    سوال. ڇا ان دور ۾ ڊيسڪ ٽاپ تي پبلشنگ يا فوٽو ٽائپ سيٽنگ جو ڪم ٿيندو هيو؟
    جواب. ها، اها 1987ع يا 1988ع جي ڳالهه هوندي جڏهن انٽرنيٽ اڃان تائين متعارف ڪونه ٿي هئي تڏهن ڪمپيوٽر جو سمورو استعمال ورڊ پراسيسنگ تحت ٿيندو هيو. خاص طور تي ڊيسڪ ٽاپ تي پبلشنگ جو ڪم ڪبو هيو. فوٽو سيٽنگ جو سسٽم ان وقت سنڌ ۾ رڳو سنڌي ادبي بورڊ وارن وٽ هوندو هيو پر اها مشين ڪتاب ڇاپڻ يا ڇپائڻ لاءِ مهانگي هوندي هئي ان لاءِ ڪو ان تي ڪتاب ڇپرائڻ جي همت نه رکندو هيو.
    سوال. توهان جي ان سلسلي ۾ ڪڍيل حل جو نتيجو ڇا نڪتو؟
    جواب. ٿيڻو ڇا هيو البته سنڌي زبان کي ڪمپيوٽر جي ٻولي واري منهنجي سسٽم سنڌي اخبارن، رسالن سان گڏ پريس ۽ پبلشنگ جي دنيا ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو ۽ هاڻي سڀ ڪجهه توهان جي سامهون آهي.
    سوال. توهان ان سسٽم کي پروفيشنلي متعارف ڇونه ڪرايو؟
    جواب. مون شروعات ته ان مقصد لاءِ ڪئي هئي پر بعد ۾ پيسي ڪمائڻ جو احساس ٻولي جي محبت کان گوءِ کڻي ويو. ان محنت جي نتيجي دوران جيڪا روحاني خوشي ملي ان باقي سب احساس کسي ورتا هيا.
    سوال. اخبار وارن کان علاوه ٻيا ڪي ادارا به توهان وٽ ان ڏس ۾ آيا؟
    جواب. کوڙ آيا ۽ ايندا به رهندا آهن. سنڌيڪا اڪيڊمي جو چيئرمن نوراحمد ميمڻ به سنڌي ادبي بورڊ وارن جو هڪ ڪتاب ڪمپوز ڪرائڻ آيو هيو. مون کيس سمورو سسٽم ٻڌايو جيڪو ڏيڍ سال کان پوءِ هن به پنهنجي اداري ۾ رائج ڪيو؟
    سوال. ان وقت يا پهريون ڇپجڻ جي سلسلي ۾ اخباران جي ڪهڙي صورتحال هوندي هئي؟
    جواب. اخبارن جي تمام بري حالت هوندي هئي. گهڻي قدر ڇپيل اخبارون ته پڙهڻ ۾ به مشڪل سان اينديون هيون، ٽبڪا به نظر ڪونه ايندا هيا. هڪ دفعي مان هلال پاڪستان اخبار جي دفتر ويو هيس جتي چاليهه ڪمپوزر ڪم ڪري رهيا هيا انهن سڀني جي مشترڪه راءِ هئي ته “هي ڪم اسان لاءِ بد دعا مثل آهي ڇوته هتي مسلسل ڪم ڪندي اسان کي ڊيڊ پوائزننگ جي بيماري ٿي وڃي ٿي. اسان نه هي روزگار ڇڏي سگهون ٿا نه ئي ڪرڻ تي دل خوش آهي”. منهنجي سسٽم متعارف ٿيڻ کان پوءِ عوامي آواز وارن چار ڪمپيوٽر ۽ هڪ ليزر پرنٽر ورتو ۽ سموري اخبار ڪڍڻ شروع ڪئي حالانڪه اهو منهنجي ڪوشش جو پهريون دور هيو.
    سوال. توهان جو سسٽم عام ڪيئن ٿيو؟
    جواب. عربي ۽ فارسي جي فونٽن کي بدلائي سنڌي زبان ۾ استعمال ڪرڻ واري منهنجي اپروچ عام ماڻهن لاءِ قابلِ قبول ڪونه هئي ڇوته اها ترتيب ٻين لاءِ سمجهڻ تمام مشڪل هوندي هئي. يا چئجي ته اهو ديرپا حل ڪونه هيو يعني جيڪو مان چاهيان پيو اهو اڃان ڪري نه سگهيو هيم. ڪمپيوٽر اکرن جي معاملي ۾ ٻولي کي سمجهندو ئي اهڙي ريت آهي جنهن ۾ هر اکر لاءِ هڪ انگ ڏنو ويو هوندو آهي ڇوته ان کي عدد سمجهه ۾ ايندو آهي اکر نه. ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ هر ٻولي جي الفابيٽ لاءِ بين الاقوامي اسٽينڊرڊ طور مڃيل هڪ ڪوڊ پيج هوندو آهي. يوني ڪوڊ به اهڙو ئي هڪ اسٽينڊرڊ ٿئي ٿو. ان وقت تائين عربي ۽ فارسي جا اسٽينڊرڊ ڪوڊ تيار ٿي چڪا هيا پر سنڌي ٻولي جي لکڻ لاءِ ڪوبه اسٽينڊرڊ ڪونه هيو. ان لاءِ مون ٻين زبانن جي اسٽينڊرڊ ڪوڊن کي بدلائي ان قابل بڻايو ته اسان سنڌي لکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهياسين.
    سوال. يوني ڪوڊ وارن ته ڪنهن زماني ۾ تمام زبانن جا ڪوڊ هڪ ئي اسٽينڊرڊ ۾ شامل ڪيا هيا ان مان مدد نه ملي؟
    جواب. اصل ۾ ان وقت تائين ڪمپيوٽر ۾ کوڙ تبديليون ٿي چڪيون هيون. 2000ع ۾ امريڪا جو دورو سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ڏس ۾ منهنجو ٻيو دور هيو. تيسيتائين يوني ڪوڊ ۽ ورلڊ وائيڊ ويب به اچي چڪي هئي. مون اتي يوني ڪوڊ سان مطابقت رکندڙ پهريون فونٽ تيار ڪيو ۽ آپريٽنگ سسٽم جي روٽس کي استعمال جي قابل بڻايو ته جيئن سنڌي زبان کي بين الاقوامي اسٽينڊرڊ مطابق استعمال ڪري سگهجي ته جيئن لاڙڪاڻو ۾ لکندڙ ماڻهو جي ڪابه لکت امريڪا، آسٽريليا ۽ تمام دنيا ۾ موجود سنڌي پڙهي ۽ سمجهي سگهن. مون جولاءِ 2000 ۾ پهريون فونٽ تيار ڪري ونڊوز ۾ استعمال ڪيو ته ڪجهه مسئلن جيون ورتو جن تي سوچ ويچار سان انهن جا حل ملندا رهيا. اهڙي طرح هڪ ڏينهن هڪ پرفيڪٽ سسٽم تيار ڪري ورتو پر ان جي استعمال سان اهو نتيجو ڪونه نڪتو جيڪو بين الاقوامي استعمال لاءِ ضروري هيو. ڪو حل نظر نه آيو ته مون مائڪرو سافٽ وارن سان رابطو ڪيو جن منهنجي ڪم جي پرک کان پوءِ ٻڌايو ته “توهان ڪم درست ڪيو آهي پر اسان جي بين الاقوامي آپريٽنگ سسٽم ۾ سنڌي زبان لاءِ سپورٽ موجود ڪونه آهي ان لاءِ توهان جو ڪم مڪمل طور تي قابلِ عمل نه ٿي سگهيو آهي”. سندن بيان سان مون کي پنهنجي ڪم ۾ خامي نظر اچي وئي ڇوته يوني ڪوڊ ۾ ته هزارين زبانون موجود آهن پر جيڪڏهن ڪمپيوٽر جي آپريٽنگ سسٽم ۾ زبان جا قائدا ۽ سپورٽ نه هوندي ته مون وارو ڪم بي ڪار هيو.
    سوال. توهان جيڪا عربي ۽ فارسي ٻولين ۾ تبديلي ڪئي هئي انهن جي سپورٽ ته ڪمپيوٽر ۾ موجود هئي ڇا اها پهريون ئي سنڌي کي سپورٽ ڪونه پئي ڪري؟
    جواب. فارسي ۽ عربي الفابيٽ ته سوين ٻين ٻولين کي به هينڊل ڪن ٿيون جن جا اکر، لفظ، صورتون، شڪلون ۽ قائدا پنهنجي پنهنجي طريقي سان فيڊ هوندا آهن جن سان ڪمپيوٽر کي سپورٽ ملندي آهي. بد قسمتي سان سنڌي ٻولي جي سلسلي ۾ اتي تمام شيون مختلف هيون. بعد ازان مائڪروسافٽ وارن سان ڪيترا مهينا بحث مباحثي کان پوءِ کين منهنجي ڳالهه سمجهه ۾ آئي ۽ انهن دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي.
    سوال. مائڪرو سافٽ ۾ توهان جو رابطو ڪنهن سان ٿيو؟
    جواب. خوش قسمتي سان منهنجو پهريون ئي رابطو پال نيلسن نالي ان شخص سان ٿيو جيڪو ان اداري ۾ ونڊوز جي ملٽي لنگول انجڻ جو انچارج هيو. هن هڪ ڏينهن مون کي چيو ته “هڪ انسان هئڻ ناطي سنڌي ٻولي ۾ تنهنجو هيڏو وشال پورهيو ڏسي مون تي فرض عائد ٿئي ٿو ته تنهنجي هر مدد ڪيان ان لاءِ تون پنهنجا پروگرام ٽيسٽ ڪري مون کي موڪليندو رهندو ڪر جن کي مان به ماڊي فاءِ ڪندو رهندم”. ٽن مهينن تائين پال نيلسن مائڪروسافٽ ونڊوز ۾ وڃي سنڌي جي فونٽن کي ملٽي لنگول ۾ ماڊي فاءِ ڪري اتي سنڌي زبان جي اپروچ تيار ڪندو رهيو ته جيئن اها قابلِ استعمال ٿي سگهي. جڏهن اها مڪمل ٿي ته مان پنهنجي سموري سسٽم کي فانٽس، کي بورڊ، فائل، انسٽالر وغيره سميت عام ماڻن جي پهچ لاءِ پنهنجي ويب سائيٽين ۽ انٽر نيٽ تي رکي ڇڏيو.
    سوال. جڏهن توهان جو سمورو سسٽم ويب ۽ نيٽ تي موجود هيو ته پوءِ اخبار وارا يا ٻيا ادارا توهان وٽ ان ڏس ۾ ڇو پيا اچن؟
    جواب. ان دور۾ اڄ جيان هر ماڻهو انهن معاملن ۾ ڪمپيوٽر جي ٽيڪنيڪل مهارت ڪونه رکندو هيو جو آساني سان انٽرنيٽ تان سسٽم جو فائدو وٺي سگهن ٻيو کين خوف به هوندو هيو ته متان انٽرنيٽ وارو کنيل پروگرام درست ڪم نه ڪري. منهنجي ڪجهه ڪمرشل دوستن به اهڙا خوف پکيڙي پنهنجا ڪاروبار پئي هلايا.
    سوال. توهان جيڪا سنڌي زبان ۾ مائڪروسافٽ وارن جي مدد سان اپروچ تيار ڪرائي هئي اڃان اها ئي دنيا ۾ رائج آهي يا ان ڏس ۾ ڪا اڳڀرائي ٿي آهي؟
    جواب. بدقسمتي سان اسان جي ٻولي ۾ اڄ به مائڪروسوفٽ وارن جي ساڳي سپورٽ موجود آهي ۽ سنڌي زبان اڃان تائين فارمل لينگويج طور مخصوص ڪونه ڪئي وئي آهي.
    سوال. بعد ازان توهان ڪنهن ٻئي شخص، اداري ۽ مائڪروسافٽ وارن سان ان ڏس ۾ بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪونه ڪئي؟
    جواب. ان سلسلي ۾ منهنجون ڪوششون ته اڃان تائين جاري آهن. رياستي ادارن ڏانهن گهڻيون وکون وڌايون پر ناڪامي ملي. جڏهن مائڪروسافٽ وارا وستا ونڊوز تيار ڪري رهيا هيا ته انهن مون کي هڪ اليڪٽرونڪ پروفارما موڪليو جنهن ۾ ٻولين متعلق تمام معاملا شامل هيا جيئن ڏينهن جا نالا، ڏهائي ڪيئن لکجي يا پرسنٽيج ڪيئن ڪڍجي وغيره وغيره. هاڻي اسان وٽ لينگويج سپورٽ ته هئي ۽ آهي ته سنڌي ڪيئن لکجي پر جڏهن ڪابه زبان ڪمپيوٽر تي آندي وڃي جيئن عربي، فارسي ۽ اردو يا ٻين اهڙي زبانن کي فارمل سپورٽ ڏيڻ لاءِ مٿيان معاملا شامل ڪرڻ ضروري هوندا آهن ته جيئين ڪيلينڊر ۽ ڊائريون يا ٻين اهڙين شين جي درستگي ٿي سگهي. ڪم تمام وڏو هيو ۽ وقت ٿورو ان لاءِ مون اهي پروفارما سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ سنڌي ادبي بورڊ وارن کي موڪليا جو اهو ڪم هڪ ماڻهو جو نه پر ادارن جو هيو. مان انهن کي وقت به وقت ياد به ڪرائيندو رهيم، فارم ڀرڻ جا طريقا به سمجهايا پر ڇهن ستن مهينن جي عرصي ۾ انهن ڪجهه نه ڪيو آخرڪار مائڪروسافٽ وارن وستا ونڊوز جا فائل تيار ڪري لانچ به ڪري ڇڏيا.
    سوال. ڇا اڃان به سنڌي زبان ۾ سنڌي زبان جي سپورٽ موجود ڪونه آهي؟
    جواب. هي سپورٽ وستا ۾ به آهي ۽ ونڊو 7 ۾ به آهي پر “ڪي بورڊ” ڪونهي ان لاءِ سنڌي ٻولي انهن جي اسٽينڊرڊ زبانن جي لسٽ ۾ شامل نه آهي. ان لاءِ مجبورن اسان کي عربي يا فارسي جهڙي زبان کي سليڪٽ ڪري سنڌي کي سپورٽ ڏيڻي پوي ٿي. توهان چئي سگهو ٿا ته ان معاملي ۾ ٽيڪنيڪلي هر شي هاڻي موجود آهي جنهن سان سنڌي ٻولي ڪمپيوٽر تي لکي سگهجي ٿي، سنڌي ڪمپيوٽنگ ٿي سگهي ٿي، انٽرنيٽ، ورلڊ وائيڊ ويب استعمال ڪري سگهجي ٿي، چيٽنگ ۽ اي ميل ڪري سگهجي ٿي. هر اهو ڪم ڪري سگهجي ٿو جيڪو ڪنهن به ترقي يافتا ٻولي ۾ ڪري سگهجي ٿو پر سنڌي ٻولي کي هن وقت به ڪي بورڊ جي فارمل سپورٽ جي ضرورت آهي.
    سوال. اها فارمل سپورٽ هاڻي ڪيئن حاصل ڪري سگهجي ٿي؟
    جواب. ان لاءِ سنڌ يا پاڪستان جا ادارا مائڪرو سافٽ وارن يا مائڪرو سافٽ وارن جي ريجنل آفس سان رابطو ڪري حاصل ڪري سگهن ٿا.
    سوال. فارمل سپورٽ ملڻ سان ٻولي کي ڪهڙو فائدو رسندو؟
    جواب. ان مان فائدو اهو ملندو جو اگر ڪوبه شخص ڪمپيوٽر کوليندو ته ان کي ڊائريڪٽ سنڌي زبان ويب ۾ ملندي جيئين انگريزي يا ٻيون زبانون ملن ٿيون. ڪنهن کي منهنجي يا ڪنهن ٻي ويب سائيٽ تي وڃي ڊاوئون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي. هاڻي سنڌي زبان ڪمپيوٽر تي اچي چڪي آهي پر ان کي ڪيتري وسعت ڏيڻي آهي يا ڪيترو فائدو وٺڻو آهي ان جو دارومدار اسان سنڌين تي آهي. اسان جي قومي ذميدار آهي ته جيڪڏهن اسان روزانو هڪ ڪلاڪ به ڪمپيوٽر ٿي ويهون ٿا ته پنج ڏهه منٽ سنڌي ڪمپيوٽنگ کي به ڏيون. جتي ادارا قومي مقصدن ۾ ناڪام ٿيندا آهن ته اتي ساڃاهه وند فردن کي قومي ٻيڙو تارڻ لاءِ اڳتي وڌڻو پوندو آهي. وڪي پيڊيا جو مثال ڏيندم اهڙن قسم جي ويب سائيٽن تي دنيا ڀر جا سنڌي جيترو مواد رکندا اوتروسنڌي زبان کي فائدو ٿيندو. اهڙي طرح گوگل جي ڪنهن به فارم مان سنڌي ۾ سرچ ڪري سگهجي ٿي ايتري تائين جو انگريزي جي گوگل مان به سنڌي ۾ سرچ ٿي سگهجي ٿي پر توهان جا مينو سنڌي ۾ تڏهن ايندا جڏهن اهي سنڌي ۾ ماڊي فاءِ ٿيندا. اهڙي ريت فائر فاڪس برائوزر آهي جنهن کي انڊيا وارن سنڌي ۾ ماڊي فاءِ ڪيو آهي.
    سوال. ڇا توهان مائڪروسافٽ وارن سان به ڪم ڪيو آهي.؟
    جواب. مائڪروسافٽ وارن سان منهنجي نوڪري جي ڪا نسبت ڪونه آهي پر انهن سان منهنجي سسٽم سان متعلق “ان افيشئيل” معاملا ٿيندا رهندا آهن. مون مائڪروسافٽ وارن سان فري لانس ڪم به ڪيو آهي. مثال طور انهن عربي ٻولي جو هڪ فونٽ ٺاهيو هيو جنهن ۾ ڪا مشڪل درپيش هين ته انهن مون کي مدد جي رڪيسٽ ڪئي ته مان انهن کي اها پروگرامنگ ڪري ڏني هئي. سندن رڪيسٽ تي کين هڪ ريسرچ پيپر به لکي ڏنو هيو ته پاڪستاني زبانن کي يوني ڪوڊ ذريعي ڪيئن ونڊوز آپريٽنگ سسٽم ۾ امپليمينٽ ڪيو وڃي. مان انهن کي مددي پيپر ٺاهي ڏنا هيا جن پنهنجي ويب ۾ شامل ڪيو. ان کان علاوه جيڪو به ادارو ان ڏس ۾ مدد گهرندو آهي مان خدمت ڏيندو آهيان. عربانا شمپين يونيورسٽي جي پروفيسر گل آغا وارن کي به مون سنڌي ٻولي جي آن لائن ڪورس جي پروٽا ٽائپ ۽ ويب پيج ٺاهي ڏني هئي.
    سوال. سنڌي زبان کي سائبر ٻولي بڻائڻ جي سلسلي ۾ توهان جيترو ڪم ڪيو آهي اوتري توهان کي پذيرائي ملندي نظر نه ٿي اچي ان جو سبب؟
    جواب. ڪجهه ماڻهو پذيرائي کان بغير به ڪم ڪندا رهندا آهن مون کي به انهن مان سمجهي سگهو ٿا. جيستائين پبلسٽي جو تعلق آهي ته منهنجي خيال ۾ ان جو وڏو سبب منهنجو غير پروفيشنل هئڻ آهي. منهنجو هڪ خواب هيو ته سنڌي ٻولي کي ڪمپيوٽر ۾ استعمال ڪيو وڃي ۽ ڪمپيوٽر کي سنڌي زبان ۾ استعمال ڪرڻ سان گڏ سنڌي زبان ۾ انٽرنيٽ تي استعمال ڪيو وڃي. منهنجو اهو پڻ خواب هيو ته سنڌي ڪمپيوٽنگ هر سنڌي ماڻهو جو حق آهي جنهن جي اپروچ کيس هئڻ گهرجي سابه بغير پيسي جي. مان پنهنجي خوابن جي ساڀيان لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهيان. مون لاءِ اهو ئي ڪافي آهي ته مان سنڌ، سنڌي ٻولي ءِ سنڌين لاءِ ڪم ڪيو آهي ۽ ڪري رهيو آهيان

  2. very true lines for Ada Majid he surely deserves this. now its our duty to carry on the candle which bright by Majid, i have also contributed a bit to promote 5000 old sindhi language by making http://www.sindhgreat.com kindly share this site as much as possible so that our young generation can know about the greatness of sindh land and sindhi language.

    Kamran Ahmed Khatti
    Software Developer
    Badin Sindh Pakistan

  3. Pride of Sindh
    In field of History and Archaeology

    Asif Raza Morio

    Asif Raza Morio is a Pakistani author, Drama writer, Historian, Biographer, Archaeologist, Social writer, philanthropist and communal reviewer. He has continuing interest in history, environment, religion, archaeology, music, culture and traditions. He is the Editor of International Magazine Jewel Time, and panel editor of various newspapers and magazines. In the course of his effective writings Asif Raza has become a leading progressive historian and social voice of the age. His book MoenJo Daro, Mysterious city of Indus valley Civilization (2007), has brought into light the new visions of Indus Valley civilization. It is a praiseworthy and most reliable script about ancient history of Sindh. This books has also been translated into twelve languages of the world. Asif has written more than 30 books and over 500 research articles, book reviews, and bibliographies, published in cerebral periodicals and Newspapers. He has contributed to the Encyclopedia of Britannica concerning few history topics. Since February 2006, he has served as a contributing correspondent for the National Geographic Channel. He is also Vice President of United Nations Global Compact (UNGC). For the global.com online network he was selected in 2005 as the editor for the history section and UNESCO’s select group of 100 international scholar intellectuals of the World. He is winner of GFRJ international research award, Indian Grove award, Amythampson Guild Award (Canada) etc:

By using this service you agree not to post material that is obscene, harassing, defamatory, or otherwise objectionable. Although IAOJ does not monitor comments posted to this site (and has no obligation to), it reserves the right to delete, edit, or move any material that it deems to be in violation of this rule.

Fill in your details below or click an icon to log in:

WordPress.com Logo

You are commenting using your WordPress.com account. Log Out /  Change )

Google photo

You are commenting using your Google account. Log Out /  Change )

Twitter picture

You are commenting using your Twitter account. Log Out /  Change )

Facebook photo

You are commenting using your Facebook account. Log Out /  Change )

Connecting to %s